راڻو روپاڙسنگهه

راڻو روپاڙسنگهه: راڻو روپاڙسنگهه يارهين عيسوي صديءَ جي آخر ڌاري ڪيرٽيءَ جو سردار هو. ڪيرٽيءَ جا کنڊرات مٺي شهر کان چوڏهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مٺي، ڏيپلو روڊ ويجهو واقع آهن. ڪيرٽيءَ جو شهر ريڻي نديءَ جي ڪناري تي هو، جيڪا ندي ٿر ۾ ڪنهن وهڪري جي شاخ هئي ۽ وقت سان گڏ مٽجي وئي. راڻو روپاڙسنگهه ڪيرٽي شهر جو ڪيتري عرصي تائين حاڪم رهيو. راڻي روپاڙسنگهه جي دور ۾ ڪيرٽيءَ جي شهر جي وڏي آبادي هئي ۽ شهر ۾ چڱي بازار پڻ هوندي هئي. روايت آهي ته هن جوتشينجي ڦند ۾ اچي پنهنجي نئين ڄاول ڌيءَ کي جھنگ ۾ ڦٽو ڪيو هو، جنهن جي پالنا هڙونت ڪنڀار ڪئي ۽ اها راڻڪ ديويءَ جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن تان راڻي سڌراج ۽ راءِ کنگھار جي وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪا ٻارنهن سال جاري رهي، جنهن جي مدنظر راڻي سڌراج ٻيجل هٿان راءِ کنگھار جو سر قلم ڪرايو.


لفظ راڻو روپاڙسنگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو